ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ کنڊ، اٽي ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ اضافي سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.سڄي ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه 150 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه 140 مان وڌي 150 رپيا ٿي ويو آهي.ٻئي طرف لاهور ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 50 رپيا واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ قيمت 2 هزار 850 رپيا ٿي وئي آهي.فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا جو چوڻ آهي ته اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو ذميوار خوراڪ کاتي تي آهي.سيڪريٽري خوراڪ 200 مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، اوپن مارڪيٽ ۾ 40 ڪلو ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار 725 رپيا ٿي ويو آهي.ان کان علاوه پنجاب ۾ به ٽماٽر جي قيمت ۾ 40 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، هڪ ڪلو ٽماٽو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. دڪاندارن قيمتن ۾ واڌ جو سبب برساتن سبب پيدا ٿيل کوٽ قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو