ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئل ڪمپنيز ايڊوائيزري ڪائونسل ملڪ ۾ ڊيزل جي بحران جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل چيئرمين آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي احتجاجي پيغام جاري ڪندي لکيو ته اگهن ۾ غير منصفاڻي لاٿ سان صنعت لاءِ انوينٽري ۾ 11 ارب نقصان ٿيو جيڪو پهريان کان تباهه حال تيل جي صنعت کي گهڻو متاثر ڪندو پيغام مطابق قيمتن جو تعين ترت درست نه ٿيو ته ٻارڻ سپلاءِ نه ڪري سگهنداسين سپلائي چين جي ڪنهن به چئلينج کان بچڻ لاءِ اوگرا فوري ڪارروائي ڪري تيل ڪمپنين ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي جي مخالفت ڪئي اهي ۽ گهر ڪئي ته ڊيزل اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو واپس ورتو وڇي ڇو ته اگهن ۾ واڌ جي رجحان جي باوجود ڊيزل سستو ڪيو ويو او سي اي سي جو چوڻ آهي ته حڪومت ليوي ۾ گهٽتائي ۽واهپيدارنکي ٻوجهه منتقل نه ڪيو ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي هڪ طرفي ۽ غير منصفاڻه آهي.
