اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ پيٽرول وڌيڪ 30 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، حڪومت پيٽروليم شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽيڪس روينيو هدف وڌائڻ جو چيو آهي، ذريعن موجب حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي موجوده حد 20 کان 30 رپيا في ليٽر وڌائي 50 رپيا 70 کان 80 رپيا في ليٽر ڪرڻ ۽ پيٽروليم شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي ته جيئن پيٽروليم ليوي جو هدف حاصل ڪري سگهجي.
