ملڪ ۾ مهانگائي شرح ۾ واڌ 9 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ واڌ سبب آگسٽ جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ ٿي ۽ افراط زر ۾ واڌ 9 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. شماريات بيورو جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 8.2 سيڪڙو هئي. مهانگائي ۾ واڌ جي شرح جولاءِ ۾ 9.3 سيڪڙو هئي جيڪا آگسٽ ۾ گهٽ ٿيڻ بعد ٻيهر وڌي رهي آهي. ڪڻڪ، اٽي، دالين، سبزين ۽ ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب ٽماٽر جي قيمتن ۾ 44 سيڪڙو، سبزين ۾ سوا ٽيهه، مرغي سوا 18 سيڪڙو، بصرن جي قيمت ۾ ساڍا 14 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو