نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ معاشي مشڪلاتون آهن پر عوام جي سهڪار سان هن ڏکئي وقت مان نڪرنداسين.نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته او آءِ سي اسان کي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ذميواري ڏني، 16 مارچ تي اها ذميواري ڪنهن ٻئي ملڪ کي ڏئي رهيا آهيون.پرڏيهي وزير چيو ته دنيا ۾ عورت ۽ اسلام بابت غلط سوچ آهي، حقيقت ۾ اسلام سڀ کان پهرين عورتن کي حق ڏنا، دنيا ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ به عورتون وزيراعظم بڻيون، اهو اعزاز جي ڳالهه آهي. عورت کي رياست جو سربراه بڻايو، آمريڪا اڃا نه آيو آهي.بلاول ڀٽو چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان اسلام فوبيا تي ڪانفرنس ڪري رهيو آهي، ڪانفرنس ۾ اسلام ۽ اقليتن بابت مسئلن کي اجاگر ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ مسئلا آهن ۽ ماضي ۾ به ڏکيا وقت ڏٺا آهن، پاڪستان خلاف پروپيگنڊا تي گهڻو ڌيان نه ڏنو وڃي.پرڏيهي وزير چيو ته اڄ معاشي مسئلا آهن پر عوام جي سهڪار سان مشڪل وقت مان نڪرنداسين، عوام تي اعتماد آهي، گڏجي ان کي منهن ڏينداسين ۽ ان مسئلي کي به گڏجي منهن ڏينداسين.
