ملڪ ۾ عيد جو ٻيو ڏينهن به سادگي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوري ملڪ ۾ عيدالفطر جو ٻيو ڏينهن به سادگي سان ملهايو پيو وڃي، ماڻهو اڪثر پنهنجي گهرن ۾ رهي عيد ملهائي رهيا آهن.عالمي وبا ڪورونا سبب عيدالفطر جي موقعي تي دعوتن ۽ گهمڻ ڦرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي،ماڻهن جو وڏو انگ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي پنهنجن گهرن ۾ ئي عيد ملهائي رهيا آهن.عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن مختلف شهرن ۾ ماڻهن حلوه پوري،نان ۽ پراٺا کائي ناشتو ڪيو.ڪراچي ۾ ته ماڻهن پنهنجن پنهنجن گاڏين ۾ پنهنجي ڪٽنب سان حلوه پوري جو مزو ورتو جڏهن ته لاهور ۾ هن گرمي دوران کٽي ۽ مٺي لسي جو مزو ورتو، ڪجهه جاين تي ايس او پيز تي عمل نظر نه آيو ۽ ناشتي جي دڪانن تي رش هئي جڏهن ته انتظاميا ايس ايو پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف ايڪشن به کنيو پئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو