ملڪ ۾ ايپيڪس ڪميٽين ذريعي فوج حڪومت پئي ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج ايپيڪس ڪميٽين ذريعي سڄي ملڪ تي پاڻ حڪومت پئي ڪري. ملڪ ۾ ڪو ادارو سلامت ناهي جرنلزم به هاڻي ڪرنلزم پيو لڳي. هن چيو ته اسانجي جدوجهد هڪ ڏينهن جي ناهي پر هي جهاد جاري رهندو، اسان نه به رهياسين ته اسانجا پويان جدوجهد جاري رکندا. هن چيو ته ملڪ ۾ اهو نظام هلندو جيڪو آئين ۾ ڏنل آهي. هتي اسمبليون ذاتي مفادن وارن ماڻهن سان ڀريل آهن. اڄ 75 سالن بعد عوام جي حالت ناهي بدلي، هي ڪاروبار ڪن ٿا، زمينداري به ڪن ٿا پر عوام لاءِ ڪجهه نٿا ڪن. مولانا چيو ته مون هميشه سنڌ جي مفادن لاءِ آواز اٿاريو آهي. اسان ته سنڌ سان پنو عاقل ڇانوڻي نه کپي واري نعري کان وٺي گڏ آهيون، پر ڇانوڻي ٺهي وئي سنڌ جي حقن لاءِ اوهان کي اٿڻو پوندو اسين اوهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته سنڌ اسمبلي کان ايوان صدر تائين جو سودو ٿيو آهي. اسمبليون خريديون ويون آهن. جنهن تي شيم شيم جا نعرا لڳا. مولانا چيو ته اسين پاڪستان جا وفادار آهيون پر هتي چيو ٿو وڃي جيسين استيبلشمينٽ جا بوٽ نه چٽيندا تيسين ملڪ جا وفادار ناهيو. هن چيو ته سڀ فيصلا اسٽيبلشمينٽ ڪري ٿي، هنن قبائلي علائقن ۾ آپريشن ڪيو اسين مخالفت ڪئي، تڏهن کان قبول نه آهيون. هن چيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪتو، عزت دار عورتون بازارن ۾ پنن پيون. باجوا صاحب چيو ته اربين روپين جي باڙ لڳائي ڇڏي آهي، ڪير اچي وڃي نه سگهندو، مان پڇان ٿو ته 20 کان 30 هزار جنگجو افعانستان ڪيئن ويا؟ ڪٿي آهي اها خاردار تار؟ اهي سڀ تربيت يافته جنگجو واپس پاڪستان ڪيئن آيا؟ مان ٿو چوان اوهانجي هر حڪمت عملي ناڪام وئي آهي. مولانا چيو ته آمريڪا هن خطي ۾ جنگجو وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ان ۾ هي انهن جا مدد گار آهن، اسان سان هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريو. هن چيو ته جيسين اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ جي وارث آهي تيسين اسلامي دنيا هنن کان ڪا به توقع نه رکي. اسانجي جدوجهد اسمبلين تائين پهچڻ جي ناهي پر اسين آزاد، خودمختار پاڪستان لاءِ جنگ پيا ڪريون، گهڻو مذاق ٿي چڪو، اسمبلين جي نالي ۾ جمهوريت جو قتل ڪيو ويو آهي، ڊڪٽيٽر جي اشاري تي قانون سازي ٿئي ٿي، جمهوريت جي نالي جنرل ملڪ پيا هلائين. مولانا چيو ته جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ٿو اها رياستي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ اوهان تعلقي سطح تائين ايپڪس ڪميٽيون ٺاهيون آهن جتي ميجر ويهي فيصلا ڪري ٿو. ضلعي ۾ ڪرنل، ڊويزن ۾ برگيديئر ۽ صوبي ۾ ڪور ڪمانڊر ويهي فيصلو ٿو ڪري. ما پڇان ٿو ته ڇا سڀ فيصلا اوهان نٿا ڪريو؟ اسانکي اهو نظام تبديل ڪرڻو آهي.هن چيو ته اڄ جرنل ازم ناهي رهيو آزاد صحافت جي جاءِ تي ڪرنل ازم آهي.هن چيو ته اڄ سڀ ملڪيتون وڪڻن پيا، ايئرپورٽ گروي آهن، ماڻهو بک ٿا مرن، هي حالت ڇو آهي؟ هن پليجو کي چيو ته 45 لک اسڪول کان ٻاهر آهن، وٺي اچو اسانجي مدرسن ۾ اسين اسڪول کان بهتر مفت تعليم ،رهائش۽ کاڌو ڏينداسين. مولانا چيو ته مان اسٽيبلشمينٽ کي چوان ٿو ته رويو تبديل ڪريو. هن آرمي چيف جو نالو کڻڻ کانسواءِ سندس بيان جي تناظر ۾ چيو ته اوهان آئيني حدن کي اورانگهيو آهي. اوهان سوچيو آهي ڪڏهن؟. هن چيوته ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ڪيئن ٿيندي؟ اوهان ته پان دهشتگردي ڪري رهيا آهيو. مونکي ٻين صوبن جي خبر ناهي پر هر ٽينڊر ۾ 10 سيڪڙو دهشتگرد تنظيمن کي حڪومت جي مرضي سان ملي ٿو. ملڪ ٺيڪ ڪريو، معاملا سڌاريو، شفاف چونڊون ڪرايو، قوم نٿي چاهي ته فيصلو قبول هوندو. هن چيو ته فوج کي بندوق قوم جي حفاظت لاءِ ڏني آهي پر ان ڪم ۾ فوج ناڪام ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو