ڪراچي/ لاڙڪاڻو، (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف مقامي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضي، خاص طور تي ايران-اسرائيل جنگ ۽ پاڪستان جي ثالثي شامل آهن. ان موقعي تي ضلعي لاڙڪاڻو جي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، صوبائي شوريٰ جي ميمبر قاري ابو زبير جکرو ۽ امان الله سيال پڻ موجود هئا. صوبائي امير چيو ته ملڪ صرف آئين و قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي بالادستي سان اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن وقت حڪومت ۽ سياست کي يرغمال بڻايو ويو آهي ۽ پارليامينٽ کي رٻڙ جي اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پيارو وطن مهانگائي، بدامني ۽ ٻاهرين حملن سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ تاريخي شخصيتن مولانا جان محمد عباسي ۽ قاضي فضل الله جي نالي تي ٺهيل پارڪن تي قبضي جي ڪوشش مذمت جوڳي ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ جي برابر آهي. پيپلز پارٽي گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، پر شهر گندگي جا ڍير، قبضي مافيا، ڌاڙيلن حوالي آهن ۽ ماڻهو امن لاءِ سڪي رهيو آهي. حڪومت جي سرپرستي ۾ قائم ٿيل هر هنڌ موجود “سسٽم” سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن ايڊووڪيٽ اطهر عباس ۽ ٻين وڪيلن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وڪيلن جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ تاريخي پارڪن تي تي قبضي مافيا جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو. #










