مقبوضه ڪشمير ۾ 2 هزار عورتون شهيد ڪيون ويون؛ رپورٽ

سري نگر (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ميڊيا سروس عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي سان شهيد ٿيندڙ عورتن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ مطابق ڪشمير جي مسئلي سبب ڪشميري عورتون تمام گهڻو متاثر ٿيون آهن جنهن ۾ انهن جي عزت لٽڻ ۽ نظربندي کان علاوهه عورتن کي شهيد به ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق 30 سالن ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ 2 هزار 377 عورتن کي شهيد جڏهن ته 11 هزار 175 عورتن جي عزت لٽي وئي ۽ 22 هزار 910 عورتون بيوهه ٿيون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آسيه اندرابي ۽ فهميده صوفي سميت 6 ڪشميري عورتون ڀارتي جيلن ۾ نظربند آهن. ٻئي طرف ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوج ضلع پلواما ۾ قبضو ڪري محاصرو ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي ورتي ان دوران قابض ڀارتي فوج هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. ڪي ايم ايس مطابق مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جاري آهي ۽ هو پوسٽرن ذريعي ڀارت مخالف مظاهرا جاري رکڻ تي زور ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف ڀارتي وزارت داخلا پاران ڪشمير ۾ فوج، بحريه ۽ فضائيه جا خصوصي اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته ڀارت 5 آگسٽ تي راجيه سڀا ۾ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو بل پيش ڪرڻ کان اڳ ئي صدارتي حڪم ذريعي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ان سان گڏ مقبوضه ڪشمير کي وفاق هيٺ تقسيم ڪري ڇڏيو جنهن انتظام ٻه حصن يعني پهريون حصو لداخ جڏهن ته ٻيو جمون ۽ ڪشمير تي مشتمل هوندو. ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 مقبوضه ڪشمير ۾ خصوصي اختيارن متعلق آهي آرٽيڪل 370 رياست مقبوضه ڪشمير کي پنهنجو آئين ٺاهڻ، ان کي برقرار رکڻ، پنهنجو جهنڊو ۽ دفاع، خارجه ۽ مواصلات کان علاوهه سڀني معاملن ۾ آزادي ڏئي ٿو. ڀارت آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ کان اڳ ئي مقبوضه ڪشمير ۾ اضافي فوجي دستا مقرر ڪري ڇڏيا هئا ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته ڪشميري عوام اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. واضح رهي ته مقبوضه وادي ۾ گذريل 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود ڪرفيو لاڳو آهي جنهن سبب کائڻ پيئڻ جي شين جي تمام گهڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته مريضن لاءِ دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن رياستي جبر ۽ تشدد جي نتيجي ۾ ڪيتائي ڪشميري شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو