ڪشمير ۾ 128 ڏينهن بعد جزوي ايس ايم ايس سروس بحال

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ڪرفيو لڳائي رکيو آهي ۽ وادي ۾ 4 مهينن جي وڌيڪ عرصي کان پوءِ موبائل فون تي ايس ايم ايس جزوي طور بحال ڪئي وئي آهي. ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ وادي ۾ ڪرفيو نافذ آهي جنهن سبب مواصلاتي نظام، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند آهن. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق والاريل ڪشمير ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس به معطل آهي جڏهن ته چئن مهينن بعد صرف ان ڪمنگ ايس ايم ايس سروس بحال ڪئي وئي آهي. ڀارتي انتظاميه مطابق والاريل ڪمشير ۾ اڄ صبح کان شهري موبائل فون تي ميسيج وصول ڪري سگهندا پر پنهنجي موبائل تان هن مهل به ايس ايم ايس موڪلي نه سگهندا. ياد رهي ته 14 آڪٽومبر تي والاريل ڪشمير ۾ 72 ڏينهن جي وڌيڪ عرصي کان بند پيل موبائل فون سروس جزوي طور بحال ڪئي وئي هئي جنهن کي ڪجهه ڪلاڪن بعد واپس بند ڪئي وئي جڏهن ته وادي ۾ انٽرنيٽ سروس بدستور بند آهي. ڀارت 5 آگسٽ تي راجيه سڀا ۾ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو بل پيش ڪرڻ کان اڳ ئي صدارتي حڪم تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ سان گڏ مقبوضه ڪمشير کي وفاق هيٺ تقسيم ڪري ڇڏيو هو. ڀارت اهي ٻئي بل لوڪ سڀا کان وڏي اڪثريت سان منظور ڪرايا ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 مقبوضه ڪشمير ۾ خصوصي اختيارن متعلق آهي. آرٽيڪل 370 رياست مقبوضه ڪشمير کي پنهنجو آئين بڻائڻ، ان کي برقرار رکڻ، پنهنجو پرچم ۽ دفاع، خارجه مواصلات کان علاوهه تمام معاملن ۾ آزادي ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو