حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي، مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل،ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻڻ ۾ پورا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان صدام لاشاري جو قتل انتھائي سفاڪي، بربريت ۽ رھزني جو واقعو آھي. قتل ۾ ملوث ايس ايچ او سميت سمورن اھلڪارن کي برطرف ڪري وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس جو ڪم عوام کي تحفظ ڏيڻ آھي، انصاف ڪرڻ آھي، جيڪڏھن فرض ڪجي تہ صدام تي ڪو الزام ھو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ھا، ھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ھا، پوليس کي پاڻ ئي عدالت لڳائي ڪنھن جي زندگي ختم ڪرڻ جو ڪو اختيار ناھي. اھا دھشتگردي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ دراصل پوليس آزاد ناھي. سفارش ۽ رشوت تحت من پسند آفيسر مقرر ڪري مرضي جا ۽ پسند جا ڪم ۽ مقصد حاصل ڪرڻ واري عمل سان اھڙا المناڪ واقعا جنم وٺن ٿا. مائرن جون جهوليون خالي ٿي وڃن ٿيون. نياڻيون اغوا ٿين ٿين. ملڪيتن تي قبضا ٿين ٿا. پوليس ۾ شامل ڏوھاري ذھنيت جا آفيسر ڏوھارين کي تحفظ ڏين ٿا ۽ عام ماڻھن سان ناانصافيون ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ واقعي ۾ ملوث پوليس وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ وارثن سان نصاف ڪيو وڃي.
