معاملو پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي تائين وڃي سگهي ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڪيورٽي معاملي تي ڳالهيون پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي 100 سيڪڙو آرٽيڪل 6 لاڳو ٿي سگهي ٿو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز آهي جنهن کي سياست لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان کي پنهنجي کيسي مان ڏيکاريو ويو پوءِ چيو ويو ته گم ٿي ويا آهن.هن چيو ته وڏي ملڪ سان غداري نه ٿي ٿي سگهي، آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ذريعي قومي سلامتي سان ڪمپرومائيز ڪيو ويو، هي شخص ڳجهن دستاويزن کي پنهنجي سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن سائيفر گم ٿي ويو ته کيسي مان ڪڍي ڇا ڏيکاريو ويو، اعظم خان جو بيان اهم آهي ۽ سندس ساٿي به اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اسان ڪندا هئاسين.خواجه آصف چيو ته جنهن عدالتي آفيسر آڏو اعظم خان بيان ڏنو ان کان پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم کي بيان تي تحفظات آهن ته پوءِ عدالت کي ٻڌايو ته ڇا اعظم خان جو بيان درست آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اقاما جي ڪري مون تي آرٽيڪل 6 لڳايو ويو، بشير ميمڻ آرٽيڪل 6 لڳائڻ جي اجازت نه ڏني، جيڪڏهن اقاما تي آرٽيڪل 6 لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڳجهو دستاويز آهي، ان ڪيس تي آرٽيڪل 6 100 سيڪڙو لاڳو آهي.هن چيو ته فواد حسن فواد ۽ احد چيما ڊگهي قيد ڪاٽي ۽ ثابت قدم رهيا، فواد حسن فواد ۽ احد چيما جو ايمان الله قائم رکي، انهن ماڻهن کي چيو ويو ته نواز شريف خلاف بيان ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو