ڇڪتاڻ اڳتي نٿا وڌائڻ چاهيون، ڀارت جي پيشڪش؟

ڇڪتاڻ اڳتي نٿا وڌائڻ چاهيون، ڀارت جي پيشڪش؟

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي فوجي ترجمان ڪرنل صوفيه قريشي چيو آهي ته 8 ۽ 9 مئي جي وچ واري رات پاڪستاني فوج، ڀارت ۾ 26 مختلف جاين تي حملا ڪيا آهن. هن چيو ته ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿو چاهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان وڌيڪ حملا نه ڪيا ته ڀارت به معاملي کي اڳتي وڌائڻ نٿو چاهي ۽ ان بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. بظاهر ته اڳ م به ڀارت جي قومي سلامتي جي مشير معاملو ٿڌو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر ٻئي ڏينهن تي ڊرونز موڪليا هئا. ڪجهه تجزيه ڪار اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته جنگي ماحول ۾ سيز فائر جي ڳالهه ڀارت جي ڪنهن وزير يا اعليٰ ذميوار آفيسر يا اختياري بدران ڪرنل ليول جي سطح جي آفيسر ذريعي ڇو چئي وئي آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو