معاشي ڏکيائن ۾ نواز شريف جي ڪارڪردگي بهترين قرار

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي مالياتي خابرو ادري بلوم برگ معاشي تجزياتي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سياسي مخالفن جي ڀيٽ ۾ نواز شريف بهترين معاشي ڪارڪردگي ڏيکاري، بلوم برگ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته گذريل 3 ڏهاڪن دوران نواز شريف سٺي نموني معشيت سنڀالي، 30 سالن ۾ سياسي مخالفن جي ڀيٽ ۾ نواز شريف جي معاشي ڪارڪردگي سٺي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته معاشي ڏکيائن ۾ نواز شريف، پي ٽي آءِ ۽ پ پ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، مزري انڊيڪس ۾ مهانگائي بيروزگاري ۽ معاشي ڏکيائن جي ڏيکاريو وڃي ٿو. معاشي ڏکيائن کي ڏسي ڪنهن حڪومت معاشي ڪارڪردگي جو تجزيو ۽ ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي، بلوم برگ رپورت ۾ چيو ته 1990ع کان هن وقت تائين سياسي حڪومتن جي معاشي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، پي ٽي آءِ باني هاڻي به مقبول سياستدان آهي پر جيل ۾ آهي، نواز شريف 8 فيبروري تي اقتدار لاءِ تيار نظر اچي ٿو،

پهنجو تبصرو موڪليو