ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فلم ”سارا ڀائي ورسز سارا ڀائي“ مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره ويڀاوي اپاڌيائي ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڪهاڻي شيئر ڪندي پروڊيوسر جي ڊي مجيٿيا اداڪارا جي موت بابت مداحن کي آگاهه ڪيو ته سندس ڪار ڀارت جي اترين علائقن ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي.ڪهاڻي شيئر ڪندي هن لکيو ته ”زندگي ڪيتري ناقابل اعتبار آهي، هڪ عظيم اداڪاره ۽ دوست ويڀاوي اپاڌيائي، جنهن ”سارا ڀائي ورسس سارا ڀائي“ ۾ ”جيسمين“ جو ڪردار ادا ڪيو، هندستان جي اترين علائقن ۾ سندس ڪار کي حادثو پيش آيو. جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي جان وڃائي ويٺو.جي ڊي مجيٿيا، گذريل رات پنهنجي انسٽا ڪهاڻي شيئر ڪندي، وڌيڪ چيو ته سندس خاندان کيس آخري رسمون ادا ڪرڻ لاء سڀاڻي 11 وڳي ممبئي آڻيندو.
