ايمان مزاري پنهنجي ساٿي وڪيل سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور وڪيل ايمان مزاري شادي ڪري ڇڏي، ايمان جو مڙس عبدالهادي حبيب هادي فيئر ٽرائل ڊيفنڊرز جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آهي،اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ۽ مشهور وڪيل ايمان مزاري شادي ڪري ڇڏي آهي،سماجي رابطن جي ويب سائٽس ايڪس تي ايمان مزاري پنهنجي نڪاح جي تقريب جون تصويرون شيئر ڪيون، جنهن تي هن کي صارفين جي طرفان مبارڪباد ڏني وئي،ايمان مزاري جي شادي پنهنجي ئي پيشي سان تعلق رکندڙ ۽ انساني حقن جا ڪيس وڙهندڙ وڪيل عبدالهادي سان ٿي آهي،عبدالهادي به ايمان جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مان پنهنجي زندگي جي هميشه ۽ هر وقت رهندڙ محبت سان شادي ڪري ڇڏي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو