اوٽاوا (ويب ڊيسڪ)فلم ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار قوي خان 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.اداڪار قوي خان پنهنجي پٽ عدنان قوي سان گڏ ڪئناڊا ۾ رهندو هو جتي هو فوت ٿي ويو، اداڪار قوي ڪينيڊا جي شهر وان جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.پٽ عدنان قوي خان پنهنجي والد جي وفات جي تصديق ڪندي چيو ته هو جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو.خانداني ذريعن موجب قوي خان جي جنازي نماز سومر تي مسي ساگا جي جامعه مسجد ۾ ظهر جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي، کيس ڪيناڊا جي شهر ڪوبرامپٽن ۾ ميڊو ويل قبرستان ۾ دفنايو ويندو.قوي خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان سان ڪئي، هن ڪيترن ئي ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. هن 200 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. قوي خان کي سندس فني ڪاميابين جي اعتراف ۾ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ کان علاوه 1980ع ۾ طاغه حسن ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.
