مشاهد حسين سيد عالمي تنظيم جو نائب صدر منتخب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جو اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد انٽر پارلياماني يونين جي پارليامينٽرينز جي انساني حقن جي ڪميٽي جو نائب صدر چونڊجي ويو. جنيوا ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪينيا جي ملي اوڌيمبو صدر جڏهن ته مشاهد حسين سيد کي اتفاق راءِ سان نائب صدر چونڊيو ويو.مشاهد حسين سيد CHRP ۾ ايشيا جي نمائندگي ڪري ٿو. هو پهريون پاڪستاني پارليامينٽرين آهي جنهن کي IPU اداري ۾ اهم عهدي تي چونڊيو ويو آهي.مشاهد حسين سيد 2 سال اڳ CHRP جو ميمبر چونڊيو ويو هو ۽ فلسطين، ڪشمير ۽ روهنگيا بابت پاڪستان پارلياماني فورم جو ڪنوينر پڻ آهي.مشاهد حسين استنبول ۾ قائم القدس پارليامينٽ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو