مسافر گاڏين مان گيس سئلنڊر هٽايو، زندگيون بچايو

ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو)نئوڪوٽ ڪلوئي، بدين ڪلوئي کان مٺي ويندڙ مسافر وين گاڏين ۾ ٽرانسپورٽرن طرفان غير معياري گيس سلينڊر لڳل آهن جيڪي ڪيتري سالن کان چيڪنگ نه ٿيڻ ڪري ڪافي پراڻا ٿي ويا آهن جن ۾ هر وقت خطرو رهي ٿو. جڏهن ته ڪلوئي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر وين گاڏين ۾ هڪ هڪ گاڏي ۾ چار کان پنج گيس سلينڊر لڳل آهي جيڪي ڪنهن به وقت ٽٽي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين نعمت الله کوسو، مولي ڏنو، ليل رام، جاني ميگھواڙ، آتم کوسو ۽ ٻين نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلوئي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر وين گاڏين ۾ ناقص قسم جا گيس سلينڊر لڳل آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهن ٿا جنھن ڪري هر وقت هڪ وڏي الميي جو خطرو رهي ٿو.

هنن چيو ته اسان ڪافي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن پر هن مهل تائين انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٿرپارڪر شهزاد ٿهيم چيو ته ناقص گيس سلينڊر لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين مان جلد ڪلوئي بدين مٺي روڊ تي هلندڙ مسافر وين گاڏيون جن ۾ گيس سلينڊر لڳل آهن انهن ۽ ان جي مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو