مزدا جي ٽڪر ۾ اي ايس آءِ فوت، هڪ زخمي

ٽنڊومستي (ن سنڌيار ) قومي شاھراھ تي تيز رفتار مزدا جي ٽڪر ۾ اڪنامڪ زون ٿاڻي جو اي ايس آء عبدالقادر ميمڻ ڊيوٽي تي ويندي مزدا ھيٺان اچي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. ساڻس گڏ موٽر سائيڪل ڊرائيور پ پ پ اڳواڻ گلشاد علي ابڙو سخت زخمي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ، حادثي جو شڪار ٿيل فوتي اي ايس آء حيدر آباد جو اصل رهاڪو ٻڌايو پيو وڃي، مزدا گاڏي کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏهن ته موقعي واري ھنڌ تان ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو