مزاري ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 1 ڄڻو قتل

اوٻاوڙو (غلام علي رند) مزاري ۽ ميراڻي برادري ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، مريدشاخ  ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ موٽروي  انٽر چينج وٽ مزاري برادري جي ھٿيار بندن حملو ڪري 40 ورھين جو غفار ميراڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙو اطلاع ملڻ تي ميراڻي برادري جا سوين ماڻھو پھچي ويا. ھوڏانھن مزاري برادري جا ماڻھو قتل ڪرڻ کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. کنڀڙا پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش سرڪاري اسپتال کڻائي وئي. آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو