اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عدالتي حڪم باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري بابت توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد ناصر اڪبر جو جواب اطمينان بخش قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي حڪم باوجود شيرين مزاري جي گرفتاري تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت آءِ جي جي درخواست تي 26 جون تائين مهلت ڏئي ڇڏي.عدالت شيرين مزاري کي گرفتار ڪندڙ پوليس آفيسر جو نالو به طلب ڪري ورتو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي اسلام آباد جو جواب ڏسڻ کان پوءِ اطمينان بخش نه هو ته ڪارروائي ختم ڪئي وڃي، آءِ جي ايڊيشنل اٽارني جنرل جي مشاورت سان ترميمي جواب جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آءِ جي کي 26 جون تائين جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو آهي، شيرين مزاري کي 17 مئي تي گرفتار ڪندڙ پوليس انچارج عدالت کي ٻڌايو وڃي.لکت واري حڪم ۾ عدالت چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 جون تي ٿيندي.
