مري ،گليات ۾ برفباري،سياح ڦاسي پيا،ٽرئفڪ جام

مري ۽ گليات ۾ تيز برفباري کانپوءِ مختلف روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب سياح، گهرڀاتي ۽ ٻار گاڏين ۾ ڦاسي ويا.مري ۽ گليات ۾ ڏيڍ فوٽ تائين برفباري کانپوءِ مري ايڪسپريس وي ۽ لوئر ٽوپا کان سحر باگلا هاءِ وي تي بدترين ٽريفڪ جام ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي ويون.سخت برفباري سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل سياحن مري ايڪسپريس وي ۽ سرينگر هاءِ وي تي هنگامي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي.پي ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مري ۾ اڄ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري رهندو، سياحن کي سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميه جي ذميواري آهي.ڊي سي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته مري ۾ 17 ميلن کان وڌيڪ سياحن جي داخلا به بند ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف لاهور، فيصل آباد، گجرات، جهلم ۽ منڊي بهاءُ الدين سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب مواصلاتي رستا بند ٿي ويا.موسميات کاتي اسلام آباد، پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو