مختلف شهرن جي مستحق ماڻهن ۾ امداد ورهائڻ جون تقريبون

ڪراچي(نمائندن وٽان) تيل، بجلي، گيس سميت هر شئي مهانگي ٿيڻ سبب عوام پريشان آهي ۽ ڪجهه شهرن مان خودڪشين جون خبرون به اچي رهيون آهن، اهڙي ماحول ۾ ڀلاري مهيني ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف سماجي ڀلائي جو تنظيمن ۽ مختلف کاتن جي سربراهن پاران متاٿره ملازمن ۽ غريب ماڻهن ۾ عيد کان اڳ سندن مدد ڪندي مختلف شيون ورهائڻ جا اطلاع به ملي رهيا آهن. دوڙ مان نويد سنڌي موجب احساس ويلفيئر فائونڊيشن طرفان شهر جي ڪجهه مستحق ماڻهن ۾ عيد جا ڪپڙا، سلائي مشينون ۽ ويل چئير ورھائڻ واري تقريب منعقد ڪئي. سماجي شخصيت چوڌري محمد ايوب راجپوت، ڊي ايس پي سٽي رفيق احمد شاھ ۽ ٻين چيو ته غريبن جي خدمت سان الله پاڪ راضي ٿيندو آھي. سکر مان جئيرام داس موجب سيپڪو سکر جي سربراهه ڊيوٽي دوران فوت ٿيل ملازمن جي 17 خاندانن ۾ گهر گهر وڃي عيد جا تحفا ورهاي آهن. هن ان موقعي تي چيو ته هو سيپڪو جي شهيد اهلڪارن جي وارثن سان هر ڏک ۽ سک ۾ هميشه گڏ هوندو.

خيرپور ضلعي جي شهر ڪنب مان صفدر چانديو ٻڌايو آهي ته ايم اين اي سيده نفيسا شاهه پاران موڪليل عيد راشن يوسي رحيم بخش وساڻ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي غريب ماڻهن ۾ رئيس خالد عباس جسڪاڻي ورهايو. ان موقعي تي رئيس خالد عباس جسڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هر وس واري کي گهرجي ته هو عيد جي خوشين ۾ غريبن جو ساٿ ڏئي مهنگائي جي دور ۾ هزارين ماڻهو عيد جي راشن توڙي لٽي ڪپڙي لاءِ پريشان آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو