مختلف جماعتن پاران عوامي حقن لاءِ گڏجي جدوجد ڪرڻ تي اتفاق

مورو)مورائي اياز سولنگي( ڪامورا شاهي ڪرپشن ۾ پوري آهي، عوامي خدمت جي ادارن ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي، اسڪولن ۾ معياري تعليم ناهي، اسپتالن علاج نٿو ٿئي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، گٽرن جو پاڻي گهرن ۾  پيو اچي ڪو ادارو ذميواري محسوس نٿو ڪري، اسين عوام جي مدد سان احتجاج ڪري پنهنجو حق وٺنداسين ۽ ڪنهن کي من ماني جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهارعوامي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن امان قاضي، راجا جي ايم ڪورائي، خان سومرو، اسلم حب ۽ ٻين مورو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته مورو شھر کي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ ڪامورا شاهي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شھر کي کنڊرات ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.هنن وڌيڪ چيو ته سڀني صوبائي کاتن جون آفيسون ميونسپل ڪاميٽي, پبلڪ هيلٿ انجنيئر, ايريگيشن, صحت, روينيو, تعليم کاتو, عشر زڪوات, زراعت , خوراڪ, پوليس سميت ٻين کاتن کي پنهنجي تابع بڻائي مڪمل طور تي کاتن کي کوکلو ڪري شھر جي ترقي تعمير , ڀلائي بهتري جي ۽ ماڻھن لاء انصاف جا دروازا بند ڪري لٽ مار ۽ ڪرپشن عروج تي ڪري ڇڏي آهي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. هنن چيو ته مورو عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان عوامي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاربو. هنن ٻڌايو ته مورو عوامي ايڪشن ڪاميٽي ۾ پي ٽي آئي, مورو عوامي اتحاد, عوامي تحريڪ, فنڪشنل مسليم ليگ, منهاج القرآن, پاڪستان عوامي تحريڪ, ماروي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين جو هي گڏيل اتحاد ٺاهي ان جو نالو مورو عوامي ايڪشن ڪاميٽي رکيو ويو آھي هنن وڌيڪ چيو ته تازين برساتن سڄي شھر کي ٻوڙي ڇڏيو آھي برسات جو پاڻي نالن ۽ گٽرن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهي ويو آھي شھر جا روڊ رستا محلا ڪالونيون تعليمي ادارا درگاهون عبادتگاهون  پاڻي جي ور چڙھي ويا آھن شھري سخت مشڪلات ۾ آھن ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آھن مگر ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا ڪابه توجھ نه ٿي ڏئي ڪروڙين روپين جي ڪرشن ڪري شھر جي اهڙي صورتحال ڪئي وئي آھي ان کان علاوه سيپڪو واپڊا عملدارن جون زيادتيون عروج تي آھن هٿرادو بجلي بند ڪري ماڻھن کي سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي هاڻي اهي زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون شھرين جي مدد سان ڀرپور طريقي سان جلد احتجاج جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي حنيف رحماني, الطاف بهڻ ,ممتاز سولنگي, امجد ڀٽي, ظفر لغاري, محمد خان ڪلهوڙو, ثناء الله زهري, الله رکيو ڪمبوھ, مير محمد ملاح, معشوق صابقي, عبدالحميد سولنگي ۽ اڳواڻ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو