محب مرزا آئڪون ايوارڊز ۾ بهترين اداڪار قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار محب مرزا آئيڪون ايوارڊز 2023 ۾ بهترين اداڪاري جو ايوارڊ کٽي ورتو.محب مرزا کي ڊراما آئڪون ايوارڊ 2023 جي پهرين ايڊيشن ۾ بهترين اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو ڊرامي سيريل رضيه ۾ سليم جي ڪردار تي جيڪو سماج ۾ تعليم جي حصول لاءِ شعور پيدا ڪري ٿو. سوشل ميڊيا تي ايوارڊ سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي اداڪارا خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڊرامي سيريل ”رضيه“ کي 8 ايوارڊ مليا آهن، مان شڪرگذار آهيان ته منهنجي ڪم کي ساراهيو ويو آهي. محب مرزا ايوارڊ شو جي ججن جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪو اسٽار مومل جي ڪم کي ساراهيو، هن لکيو ته سليم پنهنجي پرفارمنس کان سواءِ نامڪمل هو، تقريب ۾ کيس ياد ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو