ماڌوري جي ماءُ ديهانت ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي ماءُ نهلتا ڊڪشٽ 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ماڌوري جي ماءُ نهالتا ڊڪشٽ اڄ صبح فوت ٿي وئي، سندس آخري رسمون به اڄ ادا ڪيون وينديون.ماءُ جي موت جي تصديق ماڌوري ڊڪشٽ ۽ سندس مڙس شري رام نيني ڪئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ماڌوري جي ماءُ 91 ورهين جي هئي، في الحال سندس موت جو سبب سامهون ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو