مان پاڪستانين لاءِ موسميات کاتي جو ڪڪڙ بڻجي ويو آهيان

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ايشيا ڪپ دوران پاڪستانين لاءِ ويدر مين جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.وسيم اڪرم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي مختصر وڊيو شيئر ڪئي ۽ پاڪ-ڀارت ميچ دوران برسات سبب رزرو ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي.وڊيو جي شروعات ۾ وسيم اڪرم هيلو ۽ گڊ مارننگ چيو ۽ پوءِ مذاق ڪندي چيو ته مان پاڪستانين لاءِ ’ويدر مين ڪڪڙ‘ بڻجي ويو آهيان.هن چيو ته ڪولمبو ۾ سڄي رات برسات پئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڪجي وئي، آسمان تي اڃا به ڪارا ڪڪر آهن ۽ هوائون هلي رهيون آهن.اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ آهي ته موسم هاڻي بهتر آهي پر ميچ شروع ٿيڻ کانپوءِ تبديلين بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.وسيم اڪرم اهو به چيو ته موسم جي حوالي سان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون پر ميچ جي مڪمل ٿيڻ لاءِ دعا ضرور ڪريون ٿا ته جيئن سٺي ميچ جو مزو وٺي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو