مانيءَ ۾ دير تي ڀاءُ گوليون هڻي ڀيڻ قتل ڪري فرار

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)غوثپور ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خيرشاھ واري علائقي ڳوٺ داد محمد محمداڻي ۾ جوابدار لال بخش محمداڻي  پنهنجي نوجوان ڀيڻ رحيمان کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، لاش واقعي واري هنڌ هڪ ڪلاڪ تائين پيل  رهيو، اطلاح ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ  پهتي ته جوبدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، پوليس مقتولا جي لاش کڻائي ضرور ڪارروائي لاءِ ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي خبر ناهي پئجي سگهي ته واقعو ڪئين پيش آيو آهي، واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. ذريعن مطابق جوابدار ماني دير سان پچائڻ تان پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو