مارلن سموئلز تي 6 سالن جي پابندي لاڳو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽسمين مارلن سيميولز تي 6 سالن جي پابندي لڳائي وئي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب مارلن سيميولز تي امارات ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.مارلن سموئلز تي سيپٽمبر 2021 ۾ 4 الزامن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.مارلن سموئلز کي هن سال آگسٽ ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو