لڍڙ ٻيلي مان لکڻ برادري جا 3 ڄڻا اغوا

سرحد(ن سنڌ يار)آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان لکڻ برادري جا 3 ڄڻن اغوا ٿي ويا . ڌاڙيلن سندن آزادي لاءِ وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي. ڌاڙيل جمعو شر وارثن کي چتاءُ ڏنو آهي ته ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪيو ويندو. ياد رهي ته لکڻ برادري جا ٽي ڄڻا سليم لکڻ، صدورو لکڻ، ۽ هبن لکڻ لڍڙ ٻيلي مان ڪاٺيون ڪرڻ ويا ته کين اغوا ڪيو ويو . آندل سندراڻي پوليس مغوين جي بازيابي لاء ڪجهه به نه ڪري سگهي، وارثن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو