ليويز چيڪ پوسٽ تي ڌماڪو 3 فوت هڪ زخمي

پشاور(م ڊ) اتر وزيرستان ۾ ليويز جي هڪ چيڪ پوسٽ تي ڌماڪي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. مقامي حڪومت جي زريعن موجب بارودي مواد شيواه تعلقي ۾ لڪ شاهي جي علائقي رغزئي ۾ قائم چيڪ پوسٽ تي هي ڌماڪو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل اهلڪارن ۾ ضمير زمان، عبدالولي ۽ نامبوت خان شامل آهن. وزيراعليٰ خيبر پختونخواه ڌناڪي جي مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته ڌماڪي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪالعدم تحريڪ طالبان علائقي ۾ پوسٽر لڳايا هئا ته حڪومتي ماڻهن سان تعلق ختم ڪريو ۽ 3 ڏينهن ۾ علائقو خالي ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو