لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جو افتتاح

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلنس (لمز) جو افتتاح ڪيو.جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم اسلام آباد ۾ افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هو.تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به موجود هو.پڌرنامي موجب ايل آءِ ايمز جي قيام جو مقصد فوڊ سيڪيورٽي ۽ زرعي برآمدات کي وڌائڻ ۽ درآمدات ۾ گهٽتائي ڪري قومي ناڻي تي بار گهٽائڻ آهي.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر ڪروڙين غير آباد زمينن کي ايل ايم سي تحت پوکيو ويندو.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ليمز تحت زرعي پيداوار کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وڌ کان وڌ وڌايو ويندو. بيان ۾ چيو ويو ته ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن موجب 36.9 سيڪڙو پاڪستاني خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ 18.3 سيڪڙو پاڪستاني خوراڪ جي شديد بحران جو شڪار آهن. پروجيڪٽ تحت هارين کي موسمي تبديلين، فصلن جي سيٽلائيٽ مانيٽرنگ، پاڻي، ڀاڻ ۽ اسپري جي استعمال بابت بروقت ڄاڻ ڏني ويندي، ان کان علاوه مارڪيٽن تائين سڌو سنئون رسائي پڻ ڏني ويندي. منصوبي ۾ سعودي عرب، چين، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ بحرين کي شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو