لبيڪ يا رسول الله، سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبي جو جشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي اڪثراسلامي ملڪن ۾ اڄ عيد ميلاد الالنبي ڀرپور عقيدت ۽ محبت سان ملهايو پيو وڃي. ريڊيو پاڪستان جي هڪ رپورٽ مطابق وفاق ۾ 31 ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏئي پيغمبر اسلام جي ولادت جي موقعي تي کيس سلامي ڏني وئي. ان موقعي تي مسلمانن ملڪي ترقي، اسلام جي سربلندي لاءِ دعائون گهريون ۽ حضرت محمد صلعم جن کي خراج عقيدت پيش ڪئي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد ميلاد الانبي جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان جي ميزباني م ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي. صدر عارف علوي خاص مهمان هو. جنهن ۾ مسلم امت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وين. پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ هفته رحمت العالمين ملهايو ويو. ڪيترن شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو