لاڪ ڊائون کان اڳ کاڌي پيتي جو اسٽاڪ ڪرڻو پوندو، فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان هڪ سال م 60 هزار وينٽيليٽر وڌايا آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي مڪمل لاڪ ڊائون کان اڳ تياري ڪرڻي پوندي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون جي صورت ۾ کاڌي پيتي جي شين جي سپلاءِ متاثر نه ٿئي، حڪومت عيد تي به پنج ڏينهن جي موڪل ڪري رهي آهي.  فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٿوري مُدي ۾ سڀني کي ڪورونا وئڪسين نٿي لڳائي سگهجي، هيل تائين 20 لک ماڻهن کي وئڪسين لڳائي وئي آهي، هڪ سال ۾ 60 هزار وينٽي ليٽر جو اضافو ڪيو ويو، صحت جي شعبي ۾ 500 ميٽرڪ ٽن گئس موجود آهي، ايران ۽ چين سان آڪسيجن امپورٽ ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن، آڪسيجن جي ضرورت پئي ته صنعتن کي آڪسيجن جي فراهمي گهٽائي ويندي.هن چيو ته 3 ڪروڙ ويڪسين جا ڊوز خريدڻ لاءِ معاهدا ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو