لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙو پارڪ ڊاهڻ خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (ن س) لاڙڪاڻي شهر ۾ ضلعي انتظاميه پاران سنڌ جي ناليواري اديب، استاد، سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبر ۽ ارڏي صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي سان منسوب يادگار پارڪ مسمار ڪرڻ خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام محمد ڪنڀر، مشتاق مهر، عمر سومرو، اشوڪ ڪمار۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن، هو سنڌ جو محسن هو سندس نالي سان تعمير ٿيل پارڪ جنهن جو افتتاح سنڌ جي مهان ڏاهي سوڀو گيانچنداڻي ڪيو هو، تنهن پارڪ کي ڊاهي لاڙڪاڻي انتظاميا وڏي زيادتي ڪئي آهي ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پارڪ کي نئين سر تعمير ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو