اسمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ اڃا طئي ناهي ٿي، مريم اورنگزيب

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) اڱاري ڏينهن سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ۽ ان جي اتحادين پاران قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ بابت اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. 12 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جي تڪڙي تڪميل بابت ميڊيا جي رپورٽن تي رد عمل ظاهر ڪندي اطلاعات واري وزيرٽوئيٽ ۾  چيو آهي ته ”اڃا تائين قومي اسيمبلي جي تحلیل جي تاريخ بابت فيصلو ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اسمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو فيصلو حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي مشاورت سان ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته مشاورت بعد قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ بابت باضابطا اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته پي پي جي وفاقي وزير نويد قمر 8 آگسٽ تي اسمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو هو. مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين جماعتن جي اهم اڳواڻن جا مختلف بيان ايندا رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو