قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

مورو (اياز سولنگي) جسقم جي مرڪزي سڏ تي مورو جسقم پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان ديدار شام جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي امتياز کوسو، امين ڪلھوڙو، نعيم پيرزادو، علي رضا لغاري، تنوير سنڌي، اوشاق ملڪ، جسقم آريسر جي ڪامريڊ ڀيرو مل ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جيڪا عدالتي قانون جي ڀڃڪڙي آھي. ھنن چيو ته سنڌ جا قومي ڪارڪن پرامن آھن جن کي کنڀي گم ڪرڻ امن ماحول کي خراب ڪرڻ آھي جيڪڏھن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو ڪو ڏوھ آھي ته کين ظاھر ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪڏھن انھن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آھي ته انھن لاءِ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان ديدار شام سميت تمام قومي ڪارڪنن کي ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو