قطري ميزباني، اسرائيل ۽ حماس جنگبندي لاءِ تيار

دوحا(ويب ڊيسڪ) حماس جي سربراهه اسماعيل حنيه چيو آهي ته غزه ۾ جنگبندي جي معاهدي لاءِ اسرائيل سان ٿيندڙ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن. خابرو اداري رائٽر پنهنجي خبر ۾ ڄاڻايو آهي ته قطري ميزباني ۾ ٿيندر ڳالهين ۾ جنگبندي جو معاهدي کي پائدار بنائڻ ۽ امدادي ڪارواين جي طريقه ڪار تي ڳالهيون هلن پيون. آمريڪي آسيرواد سان ٿيندڙ معاهدي جو اعلان ٿي سگهي ٿو آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪري. حماس 200 کان مٿي يرغمالي اسرائيلي آزاد ڪرڻ جي بدلي اسرائيل ۾ قيد فلسطيني شهرين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. پهرين مرحلي ۾ ٻئي ڌريون عورت ۽ ٻارن کي آزاد ڪندا. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس اسرائيل تي جيڪوحملو ڪيو هو ان م 1200 کان مٿي اسرائيلي مارجي ويا هئا ۽ 200 کان مٿي يرغمال بڻايا ويا هئا. جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ 12 هزار فلسطيني شهيد ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو