قصور مان ڀٽڪندي کپرو پهتل عورت وارثن حوالي

کپرو(رپورٽ خادم سروري)  پنجاب جي علائقي قصور مان نڪتل چاليھ ساله نسيم بي بي کي کپرو پوليس سندس ڀائيٽي الطاف حسين حوالي ڪري ڇڏيو. نسيم بي بي ٻه ڏينهن اڳ کپرو شهر ۾  پهتي هئي. عورت جي وارث الطاف حسين جو چوڻ هو ته نسيم بي بي گهر کان رحيم يار خان ويجهو مائٽن سان ملڻ لاء نڪتي هئي پر اڻڄاڻائي سبب کپرو پهتي ۽ اسين کيس ڳوليندا هتي پهتا آهيون ۽ خدا جو شڪر آهي ته هو ملي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو