قتل ڪيس جي 5 جوابدارن کي 25 سال قيد 2 آزاد

گهوٽڪي (ن س) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي 25-25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪورٽ ٰپاران اهڙو فيصلو 5 سال اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي شهمور چاچڙ جي ڪيس ۾ ٻڌايو ويو، عدالت پاران جوابدار رسول بخش، صدام، حميد، لعل بخش ۽ عارف چاچڙ کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت پاران قتل ڪيس ۾ ڀائي خان ۽ حنيف چاچڙ کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار طالب چاچڙ کي روپوش قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو