قتل جي جوابدار تي ڏوهه ثابت، عدالت پاران ڦاهي جي سزا

قتل جي جوابدار تي ڏوهه ثابت، عدالت پاران ڦاهي جي سزا

دادو(ن سنڌيار) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالغفور ڇاٻرو کي ڦاسي ۽ 2 لک ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو آھي جوابدار سال 2017 ۾ فريد آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ چارو ۾ الھڏنو ٻگھيو کي گوليون ھڻي قتل ڪيو هو. جڏھن تہ ساڳئي ئي ڪيس ۾ جوابدار کي غيرقانوني ھٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ پڻ 7 سال سزا ۽ 50 ھزار ڏنڊ جا حڪم ٻڌايا آھن ڪيس مختيار ٻگھيو جي فرياد تي داخل ٿيل ھو.ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جوابدار الهڏنو ٻگهيو کي گهرن جي ڀرسان ٽيپ رڪارڊر تيز آواز ۾ وڄائڻ تان گوليون هڻي قتل ڪيو هو.اهڙو ڪيس مقتول الهڏنو جي ڀاءَ مختيار ٻگهيو پاران فريدآباد ٿاڻي تي 2017 ۾ داخل ڪرايو هو.جيڪو دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو