قبضا مافيا پاڻي جي لائن ڪاتي ڇڏي، وزير تعليم نوٽيس وٺي، استاد

ملير (درياخان شر) بن قاسم جي علائقي ليبر اسڪوائر ۾ قائم واحد سنڌي گورنمنٽ بوائيز سيڪينڊر اسڪول تي قبضو ڪرڻ لاءِ مافيا ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي. ڪجهه عرصو اڳ اسڪول جي زمين تي بااثر قبضا مافيا زبردستي اڏاوت ڪئي هئي پر اسڪول انتظاميا طرفان مزاحمت بعد ڊي سي جان محمد اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري قبضو خالي ڪرايوهو. جنهن کانپوءِ قبضه مافيا اسڪول جي استادن جي دشمن بڻجي وئي هئي ۽ کين موتمار ڌمڪيون ملنديون رهن ٿيون. استاد شريف جتوئي صحافين کي ٻڌايو ته علائقي جا ڪجهه ڪرمنل ماڻهو سرڪاري اسڪول جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. هن وقت اسڪول ۾ 115 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، گورنمنٽ طرفان اسان جي اسڪول لاءِ پاڻي جي لائين منظور ٿيل آهي جيڪا قبضه مافيا ڪاٽي ڇڏي آهي. ان معاملي جي سکڻ ٿاڻي تي رپوٽ لکت ۾ ڏئي چڪا آهيون پرافسوس جو انهن بااثر ماڻهن اڳيان پوليس به بي وس بڻيل آهي. هن ٻڌايو ته ٿاڻي جي اي ايس آءِ طاهر وٽ ڪيس پيو آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود به هن جاچ مڪمل ناهي ڪئي. هنن تعليم واري وزير سيد سردار شاهه سميت اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته واحد سنڌي اسڪول جو پاڻي بحال ڪري قبضو ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو