قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شهيد ڀٽو احتجاج

شهدادڪوٽ(ن س) شهدادڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن جو ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڪارڪن اسد عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن  وزير کوسو، رفيق کوسو، زاهد ڏيپر، ديدار لانگاه، سعيد جمالي، آفاق سيلرو، رياض مرکنڊ، سعيد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بينر ۽ پارٽي جهنڊا هٿن ۾ کڻي ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال اڳ ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پ پ شهيد ڀٽو  ڪارڪن اسد عمراڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو هو جنهن جي ايف آءِ آر به داخل ٿيل آهي پر پوليس هن وقت تائين قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ، هنن چيو ته پوليس کين قاتلن سان ٻٽ بڻيل آهي ، هنن اعلى حڪام کان مطالبو ڪيو ته قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو