فيفا ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ، ارجنٽينا کي سعودي عرب هٿان شڪسٽ

دوحه(ويب ڊيسڪ)قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سعودي عرب سنسني خیز مقابلي کانپوءِ ارجنٽائن کي 1-2 تان شڪست ڏئي وڏو اپٽ ڪيو.فيفا جي عالمي رينڪنگ ۾ 51 هين نمبر تي موجود سعودي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ عالمي نمبر 3 ارجنٽينا کي هڪ گول تان شڪست ڏئي ڇڏي.قطر جي شهر لوسيل ۾ کيڏيل ميچ ۾ 2 ڀيرا عالمي چيمپيئن ارجنٽائن جي طرفان اسٽار فٽبالر ليونل ميسي 10هين منٽ ۾ پينالٽي تي گول ڪيو.سعودي عرب طرفان صالح شهري 48 هين منٽ ۾ گول ڪري برابري ڪئي ۽ سعودي عرب جي سليم الدوسري 53 هين منٽ ۾ ٻيو گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا ميچ جي آخر تائين برقرار رهي.ارجنٽائن جي ٽيم به ٻيهر گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترائي حملا ڪيا پر سعودي عرب جي گول ڪيپر علويس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪيترائي فيصلائتي گول بچائي ڇڏيا.ارجنٽائن جا ٻه گول آف سائڊ سبب رد ڪيا ويا، سعودي عرب جي گول ڪيپر الويس گهٽ ۾ گهٽ 5 واضح بچاءُ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو