فوٽن ۽ گيتن سان اپوزيشن جو پارليمان سامهون انوکو احتجاج

اسلام آباد ( اياز مهر) پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي مختلف جماعتن پاران گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف انوکو احتجاج ڪيو ويو. پارليامينٽ ٻاهران ڪيمپ لڳائي گرفتار ميمبرن جا فوٽو رکي احتجاج ڪيو ويو. هڪ موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا ترانا وڄايا ويا ته شازيه مري اعتراض ڪيو جنهن تي منتظمين کيس چيو ته اوهان پي پي جا گيت ڏيو اهي به هلايون ٿا. جنهن بعد هن کين موبائل مان ڪجهه گيت ڏنا جيڪي پڻ وڄايا ويو. خواجه آصف چيو ته اسانجو احتجاج ڪري اسپيڪر کي ياد ڪرايون ٿا ته اوهان قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهيو، سيد نويد قمر چيو ته اجلاس دوران سيد خورشيد شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اسپيڪر کي خبر ئي ناهي. هن چيو ته جنهن نموني تحريڪ انصاف وارا ايوان هلائڻ چاهن ٿا ايئن هلائڻ نه ڏينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته اسان جي احتجاج جو مقصد حڪمرانن جي آمراڻي انداز کي وائکو ڪرڻ آهي، حڪومت ميڊيا تي به پابنديون مڙهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو