فنڊن جي آڊٽ ٿيندي آهي،مرتضيٰ وهاب جو فواد کي جواب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي تنقيد تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي ته اهو سٺو  عمل آهي. پر هنن کي عثمان بزدار جيان گونگا ماڻهو پسند آهن هنن کي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پسند آهي ڇو ته اهو به خاموش رهندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ سنڌ 70 سيڪڙو حصو ڏيندي آهي. فواد چوڌري چيو ته سنڌ کي جيڪي پئسا ڏيندا آهيون ان جي آڊٽ ڪنداسين.اوهان پئسا ڏئي احسان نه پيا ڪريو، اهو اسان جو آئيني حق آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته گهٽ عقل رکندڙن کي اها خبر ناهي ته هر سال آڊيٽر جنرل پاڪستان فنڊن جو آڊٽ ڪندو آهي ۽ آڊيٽر جنرل پيپلز پارٽي يا صوبائي حڪومت جي ماتحت ناهي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي جا حق گهري ٿو ان لاءِ سندس زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسان بلدياتي حڪومتن کي هلڻ ڏنو پر عمران خان، بزدار ۽ محمود خان اهو نظام ئي ختم ڪري ڇڏيو.  ياد رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهين دوران سنڌ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو