فلپائن ۾ سمنڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 2 لک ماڻهو بي گهر

فلپائن (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي دارالحڪومت منيلا ۾ خطرناڪ سمنڊي طوفان ڪموري تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته شديد بارشن ۽ طوفاني هوائن جي ڪري ملڪ جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ به بند ڪيو ويو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين مطابق سمنڊي طوفان ڪمور فلپائن جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقعي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري جزيري لوزن سان ٽڪرايو آهي. 215 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي تيز رفتاري سان ٽڪرائيندڙ ان طوفان جي شدت بحر اقيانوس ۾ اٿندڙ ڪيٽيگري ۾ فور ڪي جي سمنڊي طوفان جي برابر هئي. رپورٽ مطابق سمنڊي طوفان ۽ تيز بارشن جي سبب مقامي ماڻهن جي نظام زندگي درهم برهم ٿي وئي آهي جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جنهن کي حفاظتي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. طوفان سبب سمنڊي لهرون بلند ٿيڻ ڪري متاثره علائقن ۾ تعليمي مرڪز، مارڪٽيٽون ۽ دفتر بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته اختيارين ملڪ جي سڀ کان وڏي انٽرنيشنل ايئرپورٽ به 12 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب 100 کان وڌيڪ پروازون معطل ڪيون ويون آهن. رپورٽ مطابق طوفان ڪموري فلپائن سان ٽڪرائيندڙ هن سال جو 20هون طوفان آهي جڏهن ته زمين سان ٽڪرائڻ کان پوءِ اڪٿر طوفانن جي شدت گهٽ ٿي ويندي آهي پر هن طوفان جي شدت هن وقت به برقرار آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪموري طوفان جي شدت گهٽ ٿيڻ ۾ اڃا به وقت لڳي سگهي ٿو. ٻئي طرف منيلا ۾ ٿيندڙ ڏکڻ اوڀر ايشين گيم 2019 جو شيڊول به سمنڊي طوفان جي ڪري ٻيهر ترتيب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو