فلسطين جي عظيم مائرن کي جنم جنم جو سلام

طفيل مگسي
امريڪا ۽ برطانيه جي ناجائز اولا يهودين جي طرف کان مظلوم.فلسطينين تي قيامت برپا ڪري ڇڏي آھي ۽ ظلم.وبربريت وحشيت جو ھڪ اهڙو منظر پيش ڪري رهيو آھي ته چنگيز خان .هلاڪوخان.هٽلر ۽ ميسولني جا ظلم به يهودين جي ڀيٽ ۾ ڌنڌلا ڏيک ڏئي رهيا آھن.ايستائين جو انهن ناجائز يهودين فلسطين جي پوڙھن.عورتن کي ته رت سان وهنجهاري ڇڏيو آھي بلڪ معصوم گلن جهڙن ٽڙندڙ پنکڙين جهڙن ٻارڙن کي به نه بخشيو ويو آھي. بلڪل اهڙي ريت جهڙي ريت حضرت موسي عليه الاسلام جي خوف کان ان جي قوم جي معصوم ٻارڙن کي ڪٺو ۽ قتل ڪيو ويندو هو.جنهن سان اکيون رت جا ڳوڙھا ڳاڙي رهيون آھن.فلسطين جي آبادي تي يهود و نصاري شايد اهو سمجهي ڪري قيامت جهڙي صورتحال برپا ڪئي آھي ته جيئن فلسطين وارا خوفزده ٿي ڪري پنهنجو ايمان ڇڏي ڏين ۽ يهودين جي سامهون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين.ليڪن باوجود اهڙي سفاڪي.بربريت ۽ وحشيت جي فلسطيني يهودين جي اڳيان بي يارومددگار جي جنگ ۾ مصروف آھن.بقول فلسطينين جي ته اسان الله ۽ ان جي رسول جي دين کي بچائڻ ۽ مسجد اقصي جي آزادي جي خاطر وڙھندي.ڪٽجندي ۽ وڍجندي مري وينداسين.ليڪن يهودين جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪائينداسي.ڇاڪاڻ ته انهن جان نثار مرد مجاهدن جنهن جهوليء ۾ پرورش حاصل ڪئي آھيانهيء جهوليء انهن کي حق جي خاطر قرباني ڏيڻ جي لولي سيکاري آھي.جنهن جي جهوليء ۾ اهي علمبردار نپيا ۽ تتيا آھن.انهيء جهولي واري لوليء انهن کي اهوئي سيکاريو آھي ته حق جي لاء چاهي سسيون ڌڙن کان ڌار ٿي وڃن.ليڪن پنهنجي ايمان کي پاڻ کان الڳ نه ڪجو.جنهن جهوليء ۾ انهن مرد مجاهدن پرورش حاصل ڪئي شھي.انهيء جهوليء سدائين شرم وحيا جو ويس اوڍي رکيو آھي.اهي ان عظيم قوم جي عظيم الفرت مائرن جي آھي.جيڪي ايتريون شرم وحيا واريون هيون ته هنن صلح الدين ايوبي جهڙن مجاهدن کي پنهنجي ڪک کان جنم ڏنو.انهن جي رڳ رڳ ۾ ايمان جون سموريون خوبيون ۽ صفتيون اوتيل آھن.مان ته پل پل انهيء سوچ ۾ پڃرجان ۽ پيڙھجان ٿو ته اهي به مسلمان آھن.اسان به مسلمان آھيون.اهي به محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم تي ڪلمو پڙھن ٿا ۽ اسان به ساڳيوئي ڪلمو پڙھون ٿا.ليڪن پوء به انهن جي ۽ اسان جي ايمان ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق ڇو آھي؟انهن جو ايمان ايترو مضبوط ڇو آھي؟جيڪا قوم پنهنجو پاڻ کي ڪفار جي باه کان بچائڻ جي لاء پنهنجي ۽ پنهنجن پيارن جي جانين جا نذرانا به ڏئي رهي آھي ته ڪهڙي به ريت سندن ايمان ۾ تر جيتري به ڪمي نه رهجي وڃي.جڏھن ته ٻئي پاسي اسان آھيون ته جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڪفار جي پکڙيل ڄار ۾ ڦاسائي رهيا آھيون.هڪ اها قوم جيڪا ايتري وڏي جنگ کي ڏسي ڪري به ميدان ۾ بيٺي آھي.ڇاڪاڻ ته فلسطين جون عورتون اهي عظيم عورتون آھن.جيڪي مرڻ کي ته پسند ڪنديون ليڪن ميدان جنگ کان پوئتي نه هٽنديون.
فلسطيني جيڪي هن وقت اهڙي حالت ۾ آھن ته پٿر کان پٿر دل به انهن جي حالتن کي ڏسي جوش وجذبي ۾ اچي وڃي ٿو.جڏھن ته اسان جا مسلمان جيڪي لڳ ڀڳ اڍائي کان ٽي ارب جي آبادي رکن ٿا.سي سواء گدڙ ڀڀڪين جي ٻيو ڪجه ڪرڻ کامبيوس ۽ لاچار آھن.يا ائين خوفزده آھن ڄڻ ھڪ ڪروڙ جي آبادي رکندڙ اسرائيل کين کي ڪنهن ازده جيان ڳڙڪائي ڇڏيندو.فلسطين تي ٿيندڙ ظلمن تي پري کان تماشبين بڻجي ڏسي رهيا آھن ته روزاني ڪيترن فلسطينين جا لاش ڪري ۽ مٽيء ۾ دٻجي رهيا آھن.واه فلسطين تنهنجي انهن مائرن کي جنم.جنم جو سلام.هجي.جن جي ڪک کان جنم وٺندڙ فلسطيني پوڙھا نوجوان يا ٻارڙا ڇو نه هجن پنهنجي رت جو ٻليدان ڏئي رهيا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو