فصل ۾ گهرندڙ ڳئون جي ٽنگ ڪپيندڙ ڪمدار گرفتار

ورڪشاپ(ايازعلي شر) منگلي ٿاڻي جي حد ورڪشاپ ويجھو فوجي موڙ درگاھ ساميٽيو فقير زرداري ڀرسان فصل جي ڀيل ڪرڻ تان ڳئون کي ڪھاڙيون ھڻي  ٽنگ وڍيندڙ ڪمدار الطاف خلاف سرڪاري مدعيت ۾ منگلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوبدار کي گرفتارڪيو ويو آهي. ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي سانگهڙذيشان صديقي واقعي جو نوٽيس وٺي فوري ڪاروائي جي هدايت ڪئي. ڪمدار ڳئون جي مالڪ کي رقم ڀري ڏيڻ جي آڇ به ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي آفيس مان جاري ٿيل ھڪ  بيان ۾ ڊپٽي ڪمشنر نثار احمد ميمڻ سانگهڙ جي لائيو اسٽاڪ واري ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل وٽنري ڊاڪٽر کي ڄاڻايل شخص خلاف جانورن جي تحفظ واري قانون تحت ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو